SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Devos Man

(click word to listen sound
  • 🔊
  • devos
  • mein
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Devos Man

ڊيووس مئن

ڊيووس جو دولتمند

اوڀر سئٽزرلئنڊ جو مشهور شهر ”ڊيووس“، دنيا جي دولتمند حڪومتن ۽ سرمايه دار ڪمپنين جي اجلاسن ۽ گڏجاڻين جي ڪري نهايت مشهور آهي. ان شهر کي 1990ع ۾ ”عالمي معاشي فورم“ (WEF) جي سالياني اجلاس جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ شهرت ملي، ڇاڪاڻ جو ان بهاني سان ”وال اسٽريٽ“ جي کرب پتين سميت دنيا جا سمورا سرڪاري ۽ غير سرڪاري سرمايه دار ڪٺا ٿيا ۽ عالمي اقتصادي نظام بابت ڪي غير معمولي فيصلا ڪيائون. هي اصطلاح مشهور سماجي سائنسدان ”سموئيل پي هنٽنگٽن“ پهريون ڀيرو استعمال ڪندي، لکيو ته: ”هي دراصل اهڙن دولتمندن جو حلقو آهي، جيڪو قومي واڳنا ۽ سرحدن ۾ يقين نه رکندي، رياستي حڪومتن کي فقط ورثي ۾ مليل اهڙا منتظم سمجهي ٿو، جنهن جي ذميواري دولتمند حلقي طرفان دنيا ۾ ٿيندڙ سرگرمين لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. 2004ع ۾ لکيل پنهنجي هڪ مضمون ”آمريڪي اشرافيه جي خانگائيت“ (De Nationalization of American Elite) ۾ هن زور ڏيندي چيو ته: ” آمريڪي اشرافيه جو عالمي ڪردار دنيا ۾ موجود دولت مند ٿورائيءَ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ وارو آهي. کيس قومي سڃاڻپ رکندڙ اڪثريتي آباديءَ بابت ڪا ڳڻتي ناهي“”هڊسن انسٽيٽوٽ“ سان لاڳاپيل دانشور John Fonte جو چوڻ آهي ته ”ڊيووس جي دولتمند“ جو بنيادي نظريو نامياري اسڪالر”فرانسس فوڪويا ما“ جي ”آزاد جمهوريت“ بابت ڪيل ڪٿ جو جواب آهي، جنهن ۾ ”فوڪوياما“ دنيا جي اسريل ملڪن جي جمهوريت کي، انساني سماج جي فڪري ارتقا جو عروج ڏيکاريندي، تاريخ جي مسافريءَ جي خاتمي جو اعلان ڪيو هئو


Remember Me Also:

ٻورجي

اسم خاص. تعلقي ميرپور خاص ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal